Wednesday , January 22 2025

، نوٽيفڪيشن جاري وفاقي ڪابينا شهرين جون فون ڪالز ٽريس ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ هڪ اداري کي شهرين جون فون ڪالز، ميسيجز ٽريس/ رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، فون ڪالز ٽريس ڪندڙ آفيسرز 18هين گريڊ کان گهٽ جو نه هوندو. نوٽيفڪيشن جاري. وفاقي ڪابيناچوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا اهڙي منظوري سرڪيوليشن سمري ذريعي ڏني، سمري جي منظوري قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڏوهه جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي، وفاقي ڪابينا اهو اختيار پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ1996جي سيڪشن54تحت ڏنو آهي.

وفاقي ڪابينا جي منظوريءَ کانپوءِ سُڌسماءَواري وزارت پاران فون ڪالز جي ٽرسنگ/رڪارڊنگ ۽ ميسيجز بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينا جي فيصلي ۽ ٽيليڪميونيڪشن ايڪٽ تحت مليل اختيار تحت فون ڪالز ٽريس ڪرڻ لاءِ ادارو جنهن به آفيسر کي مقرر ڪندو اُهو آفيسرگريڊ18کان گهٽ جو آفيسر نه هوندو.  وفاقي ڪابينا جي منظوريءَ کانپوءِ هاڻي شهرين جون پي ٽي سي ايل لينڊ لائين فونز، واٽس ايپ، فيس بڪ ميسينجر ڪالز  رڪاراڊ/ٽريس ڪرڻ ۽ ميسيجز جي جاچ پڙتال ڪري سگهبي.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *