آصف زرداري، قادري ۽ عمران گڏ ويهندا ته خوشي ٿيندي: شاهه محمد شاهه

ڪنڌڪوٽ ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارتي ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وارن جي اتحاد ٿي سگهي ٿو، آصف زرداري، عمران خان ۽ طاهرالقادري کي گڏ ويهندا ته مونکي وڏي خوشي ٿيندي. ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميرحسين رند سان سندس ڀاءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمد شاهه چيو ته، جلد سنڌ جا اهم ماڻهو مسلم ن ليگ ۾ شامل ٿيندا. شاهه محمد شاهه چيو ته آصف علي زرداري، ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان کي هڪ هنڌ ڏسي مون کي خوش ٿيندي.هن چيو ته عمران ۽ نواز شريف لاءِ عدالتن وٽ جدا جدا معيار آهن، اقامه تي نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو. شاهه محمد شاهه چيو ته عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جي حقن خلاف آهن.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *