آغاسراج دراني ۽ سنڌي اسيمبلي جي سيڪريٽري خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع

آغا سراج دراني                                غلام محمد عمر ٻرڙو

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار)  نيب پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب ترجمان چيو آهي ته، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي غلام محمد عمر فاروق جي ڪرپشن جي جاچ ڪئي ويندي. آغا سراج دراني تي الزام آهي ته، سنڌ اسيمبلي جي نئين ٺهيل عمارت ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين سمورن منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جا الزام آهن، جن جي جاچ ڪئي ويندي. انهن ٻنهي تي اهو به الزام آهي ته، هنن سنڌ اسيمبلي ۾ غيرقانوني طريقي سان نوڪريون ڏنيون، جنهن سان ميرٽ جي لتاڙ ٿي. ان سلسلي ۾ اهوبه معلوم ٿيو آهي ته آغا سراج دراني جا سمورا معاملا سنڀاليندڙ ڌڻي بخش عرف ڍولڻ کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

About

Check Also

گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!! …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *