ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچارا) سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جون چونڊون، آغا سراج دراني ٻيو ڀيرو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي، ريحانا لغاري سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي آهي، پرزائيڊنگ آفيسر اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي عهدن جو حلف کڻايو. اسپيڪر جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار آغا سراج دراني96 ووٽ کڻي ٻيهر اسپيڪر چونڊجي ويو، گڏيل مخالف ڌر اميدوار جاويد حنيف 59 ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته 3 ووٽ خارج ٿيا. اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊن لاءِ 168 ميمبرن مان 158 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، تحريڪ لبيڪ جي ٽن ميمبرن ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پ پ اميدوار ريحانه لغاري 98 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار رابعا اظفر 59 ووٽ کڻي هارائي وئي آهي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …