اسلام آباد: قطري شهزادي جو خط جعلي آهي، پاناما ليڪس ڪيس ۾ جيڪي ثبوت اچڻ گهرجن ها، اهي اڃا تائين ناهن آيا: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قطري شهزادي جو خط جعلي آهي، پاناما ليڪس ڪيس ۾ جيڪي ثبوت اچڻ گهرجن ها، اهي اڃا تائين ناهن آيا، پاناما جو معاملو اٿاريندڙ صحافي تصديق ڪئي آهي ته لنڊن فليٽس جـِي مالڪ مريم نواز آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن حڪمران سچا آهن ته بي بي سي جي رپورٽ کي عدالت ۾ چيلينج ڪن. هن چيو ته، عدالت ۾ ثبوتن بدران ٽيڪنيڪلٽيز جا ڍير لڳي ويا آهن، صحافين به ملڪيت مريم نواز جي ڄاڻائي آهي، جڏهن ته صحافي جي تصديق کانپوءِ قطري خط فراڊ ثابت ٿي وڃي ٿو. عمران خان چيو ته، آف شور ڪمپنين واري ٽرسٽ ڊيڊ به فراڊ ثابت ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن حڪمران ڌر سچي آهي ته بي بي سي جي رپورٽ چئلينج ڪن.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *