Sunday , February 23 2025

ارڙهين ترميم ۾ ڪا به ڦير گهير ڪرڻ نه ڏينداسين: سسئي پليجو

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي 18هين ترميم بابت ڪابينا ڊويزن جي مبينا خط واري معاملي تي سينيٽ ۾ آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سينيٽر سسئي پليجو 18هين ترميم خلاف مبينا خط واري معاملي تي تحريڪ التوا جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ڪابينا ڊويز طرفان 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ بابت خط لکيو ويو آهي. پيپلزپارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو دعويٰ ڪئي آهي ته ڪابينا ڊويزن طرفان 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل مبينا خط سامهون آيو آهي جنهن کي ڪنهن ريت قبول نه ڪيو ويندو.پ پ سينيٽر سسئي پليجو 18هين ترميم خلاف مبينا خط واري معاملي تي تحريڪ التوا جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ مبينا خط واري معاملي تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 18هين ترميم عوام جي خواهشن موجب ڪئي وئي ان لاءِ حڪومت جواب ڏئي ته ڇا واقعي خط اصلي آهي. پ پ سينيٽر سسئي پليجو چيو ته حڪومت جو اهو فيصلو وفاق لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندو ۽ وفاقي سرڪار جو اهو قدم ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *