اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا
ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) ماريطانيا کان غيرقانوني طور اسپين ويندڙ ٻيڙي مراڪش جِي سامونڊي حدن اندر سمنڊ ۾ ٻُڏي وئي، 44 پاڪستانين سميت 50 ڄڻا ٻُڏي فوت، پرڏيهي خبر ڏيندڙ اداري موجب، 36 ڄڻن کي بچايو ويو، ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل 44 پاڪستانين مان 12 نوجوان گُجرات جا رهواسي هئا، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جا رهواسي به ٻيڙي ۾ سوار هئا، گهرڀاتين موجب، سمورا نوجوان 4 مهينا اڳ گهران نِڪتا هئا، 2 جنوري تي اسپين لاءِ روانا ٿيا، انساني اسمگلرز ٻيڙي ۾ سفر دوران وڌيڪ رقم جي گهُر ڪئي، پئسا نه ملڻ تي ٻيڙي وچ سمنڊ ۾ بيهاري ڇڏي هئي، ٻيڙي ۾ 66 پاڪستانين سميت 86 ڄڻا سوار هئا. صدر صف زردري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جو ٻيڙي حادثي تي افسوس جو اظهار فوت ٿيل 44 پاڪستانين جي وارثن سان ڏک جو اظهار، اختيارين کان رپورٽ طلب، پرڏيهي ترجمان ٻيڙي حادثي ۾ 44 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته مراڪش جي سمنڊ ۾ ٻيڙي حادثي ۾ 50 ڄڻا فوت ٿيا آهن، فوتين ۾ 44 پاڪستاني شهري به شامل آهن، رباط ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، پاڪستاني سفارتخاني هيلپ لائن ڊيسڪ قائم ڪئي آهي، ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي، متاثرن جا وارث پرڏيهي وزارت جِي هليپ ڊيسڪ قائم ڪري ورتي آهي.