اصغر خان ڪيس بابت ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ کي بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏيندي

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي ( ايف آءِ اي) پاران اصغر خان ڪيس ۾ بند ڪمري اندر بريفنگ ڏيڻ واري درخواست سپريم ڪورٽ قبول ڪري ورتي آهي. اصغر خان ڪيس جي شنوائي دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيف جسٽس کي درخواست ڪئي ته هُو ڪيس بابت کليل عدالت (اوپن ڪورٽ) ۾ تفصيل نه ٿو پيش ڪري سگهي، انڪري کيس بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي.بشير ميمڻ چيو ته ڪيس جون ڪجهه حقيقتون عدالت کي الڳ ٻڌائڻ چاهي ٿو. ڊي جي ايف آءِ اي جي درخواست تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪندي بند ڪمري ۾ بريفنگ جي اجازت ڏيندي چيو ته، اصغر خان ڪيس بابت سموريون حقيقتون قوم سامهون اچڻ گهرجن، ڪو به ادارو قانون کان مٿانهون ناهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *