اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جي مُدي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ 150,000 کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن ڪارڊن جي تصديق جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا قانوني طور ترسيل افغانين کي 31جولاءِ2025تائين رهرهي سگهندا. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪسگتان ۾ ترسيل افغانين جي 31هين جولاءِ تي ختم ٿيندڙ مُدي واري معاملي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ ترسيل افغاني وڌيڪ هڪ سال تائين پاڪستان ۾ رهي سگهندا، وزيراعظم شهباز شريف اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ قانوني طور ترسيل افغاني31هين جون2025تائين پاڪستان ۾ رهي سگهندا، ملڪ ۾ رهندڙ افغاني ڪاروبار پر ڪري سگهندا. ڪابينا ملڪ ۾ قانوني طور تي رهندڙ14،لک50هزار افغان پناهگيرن جي ڪارڊن جي مدي ۾30جون2025تائين واڌ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.، جن جي رجسٽريشن ڪارڊن جي ثبوتن جي مدي ۾30جون 2024ع تي هڪ سال جو مدو 30 جون 2025 تائين وڌايو ويو.
Check Also
ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان
ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …