ابوظهبي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ابوظهبي ۾ پاڪستان جي سهڪار سان افغانستان ۽ افغاني طالبان وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، جنهن ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. افغان امن بابت افغاني طالبان ۽ افغانستان جي حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو دورو شروع ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق ڳالهين ۾ شريڪ طالبان نمائندي چيو ته طالبان شورا سان ڳالهائي ٻيهر زلمي خليل زاد سان ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته زلمي خليل زاد ڳالهين جي اڳڀرائپ تي افغان عملدارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان جي سهڪار سان شروع ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان کانسواءِ اماراتي ۽ سعودي عملدار به حصو هئا. امريڪي خاص مددگار زلمي خليل زاد جي سربراهي ۾ افغانستان ۾ امن عمل تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عامي ميڊيا پنهنجي ذريعن مطابق چيو آهي ته امريڪي ۽ نيٽو فورسز جي افغانستان مان مرحليوار واپسي ۽ ان کانپوءِ افغانستان جي حڪومتي نظام ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي گفتگو ڪئي. ٻئي طرف افغانستان ۾ امريڪي سفارتخاني جي ترجمان مطابق آمريڪا، پاڪستاني حڪومت پاران سهڪار وڌائڻ جي ڪنهن به قدم جو آڌرڀاءَ ڪندو.
Check Also
قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد
ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …