تهران (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پاران ايران تان ختم ڪيل پابنديون ٻيهر بحال ڪرڻ تي، ايران سخت موقف اختيار ڪندي پنهنجي موقف تان نه هٽڻ جو اعلان ڪيو آهي. امريڪي پابنديون بحال ٿيڻ بعد ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته، امريڪي پابندين کي ايران ڪيترن ئي ڏهاڪن کان منهن ڏئي رهيو آهي. وڏي عرصي کان لڳايل پابندين مٿان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته، آمريڪي پابندين جا ابتا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، ايران تي پابنديون لڳائڻ سان عالمي سطح تي آمريڪا پاڻ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، جواد ظريف چيو ته آمريڪي پابنديون گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عدالت ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن خلاف آهن. ايراني پرڏيهي وزير چيو آهي ته، جيڪي عام ايراني شهرين کي هدف بڻائي رهيون آهن. ان کان اڳ ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته اسان فخر واري انداز سان انهن آمريڪي پابندين جي ڀڃڪڙي ڪنداسين. ٽي وي تي خطاب ڪندي حسن روحاني چيو ته ايران تي لاڳو ڪيل آمريڪي پابنديون عالمي قانونن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچن ٿيون.
Check Also
قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد
ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …