انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، الهڏنو خواجا جي بدلي رڪجي وئي

ڪراچي ( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، الهڏنو خواجا جي بدلي روڪي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي بدلي واري معاملي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران سرڪاري وڪيل پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته، سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد وفاقي سرڪار کي سنڌ جي نئين آءِ جي لاءِ خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ 22 گريڊ جي 3 آفيسرز جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا. جنهن تي وفاقي حڪومت سردار عبدالمجيد دستي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي عدالت اي ڊي خواجا جي بدلي کي روڪيندي حڪم ڏنو ته، آءِ جي سنڌ جي مقرري بابت سپريم ڪورٽ ۾ به ساڳئي نوعيت جي هڪ درخواست ٻڌڻ ي هيٺ آهي. جيستائين ان جو فيصلو نه ٿو اچي ايستائين موجوده آِ جي پنهنجو ڪم جاري رکي ۽ ان کي بدلي نه ڪيو وڃي. اهڙو حڪم ڏيندي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *