Sunday , February 23 2025

اوقاف کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد قريشي گرفتار

ريلوي پوليس سکر جي ڪارروائي، سرڪاري ڪوارٽرز مان غيرواسطيدار ماڻهن کي لڏائڻ جي ڪوشش

سکر (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سکر ۾ ريلوي پوليس اوقاف کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد قريشي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ريلوي پوليس ايوب گيٽ واري علائقي ۾ ڪوارٽرز تي ٿيل قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ته علاقي واسين مزاحمت ڪئي، اوقاف کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد قريشي مزاحمت ڪندڙن جي اڳواڻي ڪري رهيو ته ريلوي پوليس ڪارروائي ڪري سعيد قريشي سميت ٽن ڄڻن  کي گرفتار ڪري ورتو، ريلوي پوليس سعيد قريشي سميت گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي ريلوي پوليس لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي رهواسين جي مزاحمت کانپوءِ ريلوي اختيارين قبضا ڇڏائڻ لاءِ عارضي طور تي آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *