اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اومني گروپ آف ڪمپنيز ۽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جون زرعي زمينون، بلاول هائوسز سميت سموريون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪوڙن بئنڪ کاتن جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته، اومني گروپ جون ملڪيتون ضبط ڪرائڻ لاءِ سفارش ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ڪراچي ۽ لاهور وارا بلاول هائوسز ۽ اسلام آباد جو زرداري هائوس سيل ڪرڻ جي به سفارش شامل آهي. جي آءِ ٽي اڳوڻي صدر آصف زرداري جون نيويارڪ ۽ دبئي ۾ ملڪيتون به منجمد ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، بلاول هائوس ڪراچي جا پنج ئي پلاٽ، آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ زرداري گروپ جون سموريون شهري ۽ زرعي زمينون به منجمد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جي آءِ ٽي اومني گروپ جي شگر ملز، زرعي توڙي توانائي ڪمپنيز سميت سمورا اثاثا منجمد ڪرڻ جي سفارش به ڪئي آهي.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …