اوٻاوڙ ( رپورٽر سنڌ سامءَ چار) اوٻاوڙ ويجهو واهه ۾ وهنجندي 2 نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون، ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد نينگرين جا لاش هٿ ڪيا ويا، فوتين جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ڳوٺ نبي بخش شر ويجهو ڏهر واهه ۾ وهنجندي ٻه نينگريون 7 سالن جي رحمت ۽ 8 سالن جي ساجده ٻڏي فوت ٿي ويون. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻنهي نينگرين جي ڳولا ڪئي ۽ 2 ڪلاڪن جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ نينگرين جا لاش پاڻي مان ٻاهر ڪڍيا ويا. نينگرين جا لاش تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. نينگرين جا لاش گهر آندا ويا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
Check Also
”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …
سنڌسماءَچار