Thursday , April 3 2025

ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان ڪو به سوال نه ڪيو: قمرالزمان ڪائرا / چوڌري منظور

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيشي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آھي. قمرالزمان ڪائرا ۽ چوڌري منظور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ايف آءِ اي ۾ پيشي دوران آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان ڪي به سوال نه پڇيا ويا نه ئي کين ڪو سوالنامو ڏنو ويو آھي. هنن چيو ته هي سڀ ڪجهه دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. قمرالزمان ڪائرا چيو ته ايف آءِ اي چيو ته سوالنامو تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو بعد ۾ ڏنو ويندو، سوال نامو ملندو ته آصف ۽ فريال جواب داخل ڪرائي ڇڏيندا. هن چيو ته آصف ۽ فريال ڪيس ۾ جوابدار نه پر شاهد طور ڪيس ۾ شامل آھن. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو ته، ن ليگ وارا اسان کي مجبورين جي ڳالهه نه ٻڌائن اسان کي خبر آهي ته ڪنهن جون ڪهڙيون مجبوريون آھن. شھيد بينظير تي به نواز دور ۾ ڪيس داخل ٿيا، آصف زرداري به سندن هر دور ۾ ڪيسن کي منهن ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *