Sunday , February 23 2025

ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر ۽ مشهور واپاري زبير طفيل جيل ڀيڙو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي مشهور واپاري ۽ فيڊريشن آف پاڪستان ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو اڳوڻو صدر زبير طفيل سميت 5 جوابدارن کي پوليس سوگهو ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي. مٿن الزام آهي ته هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي ٽيڪس ۾ ٺڳي ڪئي ڪري ملڪي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. عدالت، ڪراچي چيمبر جي اڳوڻي صدر زبير طفيل سميت 5 جوابدارن جون ضمانت درخواستون رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوابدار ماجد علي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. جوابدار عبدالواحد، ڪاشف، نصير ۽ عبدالرئوف اڳ ئي جيل ۾ آهن.جوابدارن سيلز ٽيڪس ۽ ٽيڪس ري فنڊ جي نالي تي قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *