لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ايڊز جي ايڇ آءِ وي پازيٽو وائرس تيزي سان ظاهر ٿي رهيو آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو ۽ نئون ديرو تعلقن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي پازيٽو هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 355 ٿي ويو آهي. رتوديرو ۾ قائم ٿيل ڪئمپ ۾ مختلف علائقن کان پهتل ماڻهن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي رتوديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ايڊز جي وبائي صورت اختيار ڪرڻ باوجود لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ علاج جون سهولتن واري حڪومتي اعلانن تي اڃا تئين ڪو به عمل ٿي ناهي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ متاثر مريضن کي علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ايڊز جي مريضن جو علاج ڪرڻ لاءِ صرف شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ 2 ڊاڪٽرز مقرر ڪيا ويا آهن، ايڊز جي مرض سبب وڌي 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ هڪ مهيني ۾ ايڊز وگهي فوت ٿيلن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …