اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي خلاف توهين عدالت جو ڪيس

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي جي عدليا خلاف توهين آميز تقريرون ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي، معاملي جي ٻڌڻي 18 هين اپريل تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، اڳوڻي پ پ اڳواڻ فيصل رضا عابدي خلاف توهين عدالت وارين تقريرن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي معاملو سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاران ورتل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي سڀاڻي اسلام آباد ۾ رکي وئي آهي. واضح رهي ته فيصل رضا عابدي پ پ جي حڪومتي دور ۾ عدليا مخالف تقريرون ڪيون هيون، جنهن جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

وفاق جو سنڌ جي پاڻي تي مڪمل قبضو ڪرڻ جون تياريون، ” نيشنل رِوَر اٿارٽي“ قائم ڪرڻ تي غور

  ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سنڌ جي پاڻيءَ تي مڪمل قبضو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *