باقراڻي/لاڙڪاڻو: نيب ٽيم جو ٽي ايم اي آفيس تي ڇاپو هڻي 5سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

باقراڻي:

نيب سکر جي ٽيم ٽي ايم اي آفيس باقراڻي تي ڇاپو هڻي 5 سالن جي ترقياتي اسڪيمن جو رڪارڊ طلب ڪيو.
نيب سکر جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر امداد پليجو جي اڳواڻي ۾ ٽي ايم اي آفيس باقراڻي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران ملازمن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.
ڇاپي دوران ڪو به ذميوار آفيسر موجود نه هيو، جنهن کانپوءِ نيب جي ٽيم هيٺين عملي کان 2010 کان 2015 تائين ڪرايل ترقياتي اسڪيمن جو رڪارڊ طلب ڪيو.
ان موقعي تي نيب سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر امداد پليجو ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽي ايم اي آفيس ۾ رڪارڊ موجود نه آهي، اسان اينٽي ڪرپشن کان سمورو رڪارڊ حاصل ڪيو آهي، جنهن جي آڌار تي ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺي رهيا آهيون….

About Asghar Azad

Check Also

ڪراچي واسين لاءِ وڏي خوشخبري….!!

ڪراچي(چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي شهر جي رهواسين لاءِ وڏي خوشخبري، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *