باقراڻي: نيب سکر جي ٽيم ترقياتي اسڪيمن جي جاچ لاءِ ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس باقراڻي پهتي، 2010 کان 2016 تائين ٿيل ترقياتي اسڪيمن جي آن اسپاٽ انڪوائري شروع ڪئي وئي، ٽائون چيئرمين توڙي ٽائون آفيسر ٻئي ڏينهن به غائب رهيا.خبر موجب؛ ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب سکر امداد حسين پليجو جي اڳواڻي ۾ ٽيم ترقياتي اسڪيمن جي جاچ لاءِ ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس باقراڻي پهتي ۽ سال 2010 کان 2016 تائين ٿيل ترقياتي اسڪيمن جي آن اسپاٽ انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب ٽي ايم اي جي آفيسرن توڙي انجنيئرن ۾ ٿرٿلو متل آهي ،جڏهن ته نيب ٽيم جي ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس پهچڻ دوران ڪو به ذميوار آفيسر جنهن ۾ چيئرمين محسن خان آريجو توڙي ٽائون آفيسر محمد خان سيال آفيس ۾ موجود نه هيا. ان موقعي تي نيب ٽيم ٽي ايم اي باقراڻي پاران رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمن جي آن اسپاٽ جائزو وٺڻ لاءِ اڳوڻي انجنيئر لطف الله ڀٽو کي ساڻ وٺي ۽ ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو جڏهن ته نيب ٽيم سان ٽيڪنيڪل انجنيئر خالد حسين شيخ پڻ ساڻ گڏ هو. هوڏانهن نيب پاران ٽي ايم اي باقراڻي جي سال 2010 کان 2016 تائين رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمن جي جاچ بعد باقراڻي جي ٽي ايم اي جي آفيسرن ۾ ٿرٿلو متل آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر امداد حسين پليجو صحافين کي ٻڌايو ته ٽي ايم اي باقراڻي جي رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمن جو آن اسپاٽ جائزو وٺي رهيا آهيون ته اسڪيمون مڪمل ٿيل آهن يا نه ۽ انهن ۾ ڪهڙي قسم جو مٽيريل استعمال ٿيل آهي.
Tags baqirani NAB chapo
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …