Friday , April 18 2025

باقراڻي ڀرسان عورت جو گوليون لڳل ٻوري ۾ بند لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

baqrani 1

باقراڻي:بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسن چاچڙ ڀرسان 50 سالن جي عورت جو ٻوريءَ ۾ بند لاش هٿ آيو آهي، پوليس موجب عورت کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ حسن چاچڙ لنڪ روڊ تي

لنڪ روڊ وٽ شڪي حالت ۾ رکيل ٻوري ڏسي ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻوري کولي ته ان مان عورت جو گوليون لڳل لاش نڪتو. بقاپور ٿاڻي جي پوليس عورت جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال کڻائي وئي. چانڊڪا اسپتال ۾ عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو. عورت جي مڙهه جي سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد پوليس ٻي قانوني ڪارروائي جي خانا پوري ڪري لاش کي ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪري دفن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

 

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال سمورا نامنظور، جسقم 20 اپريل تي عام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

رتو ديرو / لاڙڪاڻو (خاص نمائندو/رپورٽر   سنڌسماءَچار) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌو درياءَ مان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *