بخشاپور(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان ڪبوترن جي شوقينن ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا ڦٽجي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 19 ڄڻا زخمي پيا. زخمين ۾ سنھڙو جکراڻي، غلام عباس، وشدل، جھنڊو، صادق، جمل خاتون، ڪمل خاتون ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي سرڪاري ا سپتال پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
Tags بخشاپور ۾ ڪبوترن جي ميل دوران جهيڙو، باٺا لڳڻ سبب 19 ڄڻا ڦٽجي پيا
Check Also
لاڙڪاڻي جو بلڊر ۽ بااثر شخص ڳهڻو خان جتوئي ڊرائيور سميت اغوا
خيرپور / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا سنڌ سماچار) خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تان مشهور بلڊر ۽ انتهائي …