گهوٽڪي(رپورٽر سنڌسماءَچار) نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر حئي بلوچ چيو آهي ته بلوچستان ۾ ترقي جي نالي تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پ پ کي پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر اپوزيشن جي سڀني پارٽين جو گڏيل محاذ جوڙڻ گهرجي. گهوٽڪي ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي حئي بلوچ چيو ته غيرجمهوري قوتون بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪن خلاف ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جنهن سان صوبي ۾ انارڪي ڦهلجي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي جي نالي تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي صوبي جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هن جو چوڻ هو ته حالتن کي آڏو رکندي پيپلز پارٽي کي پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر اپوزيشن جي پارٽين جو گڏيل محاذ جوڙڻ گهرجي.
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …