ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وزيراعظم عمران خان جي خاص معاون نديم افضل چن چيو آهي ته، حڪومت بيوروڪريسي جي آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيل آهي، انڪري ڪا ڪارروائي به نه ٿي سگهندي، هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي نديم افضل چن چيو ته، “بيوروڪريسي ڪڻڪ ۽ کنڊ جا غلط انگ اکر پيش ڪيا، جنهن کانپوءِ معاملو ڪابينا ۾ ويو، جنهن ڪڻڪ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني”، نديم افضل چن هڪ سوال جي جواب ۾ اهو به چيو ته، بيوروڪريسي پاران غلط انگ اکر پڇيش ڪرڻ واري معاملي تي جاچ نه ٿي ڪرائي سگهي، ان جو ڪارفڻ هڪڙو ئي آهي ته اسان ڪمزور آهيون، ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون، ان جا ذميوار اسان سڀ سياستدان آهيون، پر هن وقت صورتحال ماضي کان وڌيڪ خراب آهي.”
http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ac%d9%8a-%d9%bb%d9%8a%d9%bd%d9%86-%d9%88%d9%81%d8%a7%d9%82%d9%8a-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%a7%d9%84%d8%a7%d8%b1-%d8%aa%d8%ad%d8%b1%d9%8a%da%aa-%d8%a7/
http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ac%d9%8a-%d9%bb%d9%8a%d9%bd%d9%86-%d8%aa%d9%8a-%d9%85%d8%a7%d9%84%da%aa%d9%8a-%d9%be%d9%8a-%d9%bd%d9%8a-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%a7%d9%8a%d9%85-%d9%be%d9%8a-%d8%a7%d9%8a-%d8%b4/