اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت تيزي تبديلي ڏانهن قدم وڌائيندي دوائن جي مهانگائي کانپوءِ بجلي به مهانگي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب سينٽرل پاور پيرچيزنگ ايجنسي ( سي پي پي اي ) جي درخواست تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ۾ ٻڌڻي ٿي. نيپرا چيئرمين رحمت الله بلوچ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني اٿارٽي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيپرا بجلي جي اگهن 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، فيصلي ۾ واهپيدارن تي چار ارب 20 ڪروڙ رپين جي واڌو بار پوندو. ياد رهي ته سي پي پي اي بجلي جي اگهن ۾ 63 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …