حيدرآباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڌيڪ نئون اضافو ٿي ويو آهي، گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ ڀوتارن جي سياست خلاف عوامي ميڙاڪا ڪري تبديلي آڻڻ ڳالهه ڪندڙ ۽ ناليواري صحافي علي قاضي پاران باقائدگي سان سنڌ جي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي. تبديلي پسند پارٽي (ٽي پي پي) جي نالي سان نئين سياسي پارٽي جي پليٽ فارم تان حيدر آباد جي هٽڙي باءِ پاس وٽ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ننڍن وڏن قافلن جي صورت ۾ حيدر آباد شهر ڀرسان هٽڙي باءِ پاس وٽ ٽي پي پي جي جلسي گاهه پهتا. جلسي ۾ شريڪ ماڻهن ۾ عورتن جو به وڏو تعداد موجود هو. جلس کي خطاب ڪندي علي قاضي اعلان ڪيو ته هاڻي هُو سنڌ ۾ پوليس جي زور تي سياست ڪندڙن سامهون ايندڙ چونڊن ۾ سڄي سنڌ اندر اميدوار بيهاريندو. هن اهو به چيو ته، جيڪڏهن پوليس ڀوتارن جي پٺڀرائي ڇڏي ڏئي ته انهن جي سياست جي وزن جي خبر پئجي ويندي.
Tags tbdeeli [pasand party TPP
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …