ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) قانون جي عملداري جون دعوائون ڪندڙ تحريڪ انصاف، ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو شامل هجڻ باوجود سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل ۽ اي سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود پرڏيهه هليو ويو آهي. لياقت جتوئي تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي الزامن بعد سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ذريعن موجب نيب جي سفارش کانپوءِ لياقت جتوئي جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو. ذريعن موجب لياقت جتوئي هڪ ڏينهن اڳ ون ٽائم پرميشن لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏني هئي. جيڪا ان ئي ڏينهن منظور ڪئي وئي ۽ لياقت جتوئي ان ئي ڏينهن ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته لياقت جتوئي طرفان عمري جي ادائيگي کانپوءِ ڏيهه ورڻ جي خاطري تي گهرو وزارت سندس درخواست منظور ڪئي. تحريڪ انصاف اڳواڻ 4 فيبروري تائين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهري آهي. ذريعن موجب گهرو وزارت ان ڏس ۾ نيب کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. هوڏانهن نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته لياقت جتوئي کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …