جاتي جي درگاهه مگر ڀين کي هزارين مڻ کير سان غسل ڏئي عرس جو افتتاح

جاتي ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) جاتي ڀرسان موجود درگاهه مگر ڀين جي قديمي مزار تي سالياني عرس جي شروعات کان اڳ هزارين مڻ کيسر سان درگاهه کي غسل ڏنو ويو. جاتي ۾ سنڌ جي قديم درگاه مگرڀين جي سالياني عرس جي موقعي تي  دلچسپ رسم طور سوين مڻ  کير ۾ گلاب جا گل ملايا ويا.رسم ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن سميت مختلف علائقن مان آيل سوين زائرين به درگاه جي اڱڻ ۾ موجود کير سان ڀريل حوضن مان دليون ڀري درگاه کي غصل ڏيڻ ۾ حصو ورتو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ قديم رسم ۾ درگاه جا مريد کير، پاڻي، گلاب جون پتيون ۽  چن ملائي درگاه کي غسل ڏنو ويندو آھي. ھن رسم جي پھرين مرحلي ۾  رسم کان ھڪ ڏينھن اڳ درگاه جي حوضن ۾ مريد ۽ عقيدتمند عورتون پاڻي ڀرين ٿيون ۽ درگاهه جي حوالي سان ڳيچ ڳائين ٿيون. عرس جي موقعي تي عقيدتمند ۽ مريد کير وڪرو نه ڪندا آھن درگاه جي مريدن جو چوڻ آھي ته ھي رسم اسان جا ڪيترائي نسل ڏسي چڪا آھن، ان ۾ اسان درگاه جي مقبري جو رنگ اڇو ھئڻ جي نسبت سان کير سان  غسل ڏيون ٿا ۽ مرادون به باسيون ٿا.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *