”جرمني ۽ جاپان گڏيل سرحد تي انڊسٽريز لڳايون انڪري ترقي ڪئي“: وزيراعظم عمران خان
Asghar Azad
April 23, 2019
Uncategorized, پاڪستان
1,261 Views


ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، ” ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ تباهه ٿيل جاپان ۽ جرمني پنهنجي گڏيل سرحد تي انڊسٽريز ( صنعتون) لڳائي ترقي ڪئي“. وزيراعظم عمران خان اهڙو اظهار ايران جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران تهران ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪن جي معيشت ۽ قوم جي ترقي صنعتي ترقي ۽ واپار سان ممڪن آهي. ايران ۾ پاڪستاني واپارين ۽ صنعتڪارن جي ان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ٻه ڀيرا ورجايو ۽ چيو ته، ” ٻي مهاڀاري جنگ دوران معاشي طور تباهه ٿيل جرمي ۽ جاپان ترقي لاءِ پنهنجي گڏيل سرحد تي انڊسٽريز لڳايون ۽ اهو ئي سندن ترقي جو راز آهي“. وزيراعظم جڏهن ٻيو ڀيرو ساڳئي ڳالهه ٻيهر ورجائي ته تقريب ۾ شريڪ ماڻهن مان ٽهڪ به گونجندا رهيا، پر وزيراعظم کي انن جو به اندازو نه ٿيو.
جاپان ۽ جرمني وچ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا پنج هزار ڪلوميٽرز جو فاصلو آهي، جنهن بابت وزيراعظم عمران خان اهو چيو ته جاپان ۽ جرمني جي گڏيل سرحد تي صنعتون لڳايون.
