Sunday , February 23 2025

جسٽس رٽائرڊ غلام سرور ڪورائي سنڌ زوڪوات ڪائونسل جو چيئرمين مقرر

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رٽائرڊ غلام سرور ڪورائي کي سنڌ زڪوات ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، وڏي وزير جي منظوري بعد سند مقرري جو نوٽيفڪشن به جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار حڪومت سندن مقرري جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ زڪوات ڪائونسل چيئرمين جي مقرري بعد نئين سر ڪائونسل جي باڊي جوڙي وئي آهي. نئين جوڙيل سنڌ زڪوات ڪائونسل جي باڊي ۾ پير عبدالباقي، مفتي نظير احمد جان نعيمي، مفتي فيروز الدين هزاروي، محمد علي ڀٽو، شمع عارف مٺاڻي ۽ خيرالنسا مغل کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. نگران حڪومت سنڌ زڪوات ڪائونسل جي باڊي جو مدو پورو ٿيڻ سبب ٽوڙيو ويو هو. گذريل ڏينهن وڏي وزير 5 مهينن کانپوءِ سنڌ زڪوات ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ نئين باڊي جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *