ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي آءِ ٽي کي بئنڪ اڪائونٽس بابت تفصيل ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، زرداري گروپ جي وڪيل جو چوڻ آهي ته، اسان جي آءِ ٽي کي رڪارڊ ڏيڻ جا پابند نه آهيون ۽ نه ئي جي آءِ ٽي کي اهڙُ اختيار آهي. جي آءِ ٽي مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي سلسلي ۾ زرداري گروپ آف انڊسٽريز جي قانوني ٽيم پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران جواب جمع ڪرايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته زرداري گروپ آف انڊسٽريز جي وڪيلن ٽرانزيڪشن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ذريعن موجب وڪيلن چيو ته ٽرانزيڪشن جا تفصيل گهرڻ جي آءِ ٽي جو مينڊيٽ ناهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت جي آءِ ٽي ٽرانزيڪشن جا تفصيل گهري نٿي سگهي.
Check Also
“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …