Thursday , January 30 2025

جو وفاق تي اعتماد ناهي رهيو، کير جا ڌوتل ناهيون پر ايترا به خراب ناهيون: بلاول ڀٽو زرداري

اسان جو وفاق تان اعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ اسان سان صلاح مشوري کانسواءِ فيصلا ڪيا وڃن ٿا، وزيراعظم ۽ وفاقي وزير چون ٿا ته لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي، خبر ناهي ته  ڪڏهن پوري بجلي به ملندي

ڪراچي  (چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) اسان جو وفاق تان اعتماد ئي ختم ٿي ويو، اسلام آباد ۾ اسان سان صلاح مشوري کانسواءِ فيصلا ڪيا وڃن ٿا، وزيراعظم ۽ وفاقي وزير چون ٿا ته لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي، خبر ناهي ته  ڪڏهن پوري بجلي به ملندي، پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ڪراچي اندر امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي بهتر آهي، هاڻي ڪو به حڪومتي ماڻهو ڪنهن کي تنگ نه ٿو ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت پاران واپارين جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق کي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، ملڪ ۾ پاڻي ناهي، سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻڻ نه ڏينداسين، جيترو سعودي عرب وٽ تيل آهي ايترو سنڌ ۾ ڪوئلو موجود آهي. هن چيو ته اسان جو وفاقي حڪومت تان اعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي، وزيراعظم ۽ وفاقي وزير چون ٿا ته لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي. ورهين کان سنڌ کي پاڻي کان محروم رکيو ويو آهي، وفاق کي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، آئين موجب جتان گيس نڪري ٿي، پهريون حق ان صوبي جو آهي، هي ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا آئين کي ئي نٿي مڃي، گيس سنڌ جو حق آهي، جيڪو ملڻ گهرجي. پ پ چيئرمين واپارين کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان سان آمهون سامهون ويهي اوهان جون شڪايتون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو هي قدم بهترين آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته اوهان جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. اوهان ڪنهن به ٻئي هنڌ وڃي شڪايتون نه ڪيو، اوهان کي ڪا به شڪايت آهي ته مون کي ٻڌايو، ٻئي هنڌ وڃي چغلي هڻڻ جي ضرورت ناهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته واپاري برادري جو ملڪ لاءِ ادا ڪيل ڪردار سڀني جي سامهون آهي،  مان ڪڏهن به واپارين کان چندو يا ڀتو ناهي گهريو ، ماضي جي حڪومتن ۾ ڇا ٿيندو هو اهو اواهن مون کان وڌيڪ بهتر ڄاڻو ٿا.

About admin

Check Also

سنڌ يونيورسٽي ۾ انتظامي عهدن تي مقرر 34 پي ايڇ ڊي پروفيسرز کي ن وٽيس جاري

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انتظامي  عهدن تي پي ايڇ ڊي هولڊر پروفيسرز کي انتظامي عهدن تان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *