Monday , December 30 2024

جيئي سنڌ قومي محاذ اندر خاموش اختلاف منظر تي اچي ويا

جسقم شهيد بشير خان قريشي جي رت سان ٺهيل آهي، ان کي ڪنهن به بشني ڪنهن به منافق کي ٻه حصا ڪرڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن ڪو پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو ته هُو پنهنجي وڏن جي نالي تي وڃي پارٽي ٺاهي: صنعان خان قريشي

ڪراچي/ رتوديرو( اسٽاف رپورٽر / خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سائين جي ايم سيد جي سنڌ جي آزادي واري نظريي سنڌ جي وڏي عوامي قومپرست پارٽي جيئي سنڌ قومي محاذ اندر وڏي عرصي کان خاموش اختلاف نيٺ منظر تي اچي ويا، جسقم جي مرڪزي ترجمان ديدار شام جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پريس رليز جاري ڪئي هئي ته رتوديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ اندر پارٽي ٽوڙڻ جو نوٽيس ورتو ويو آهي.

ان کانسواءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي رتيديري ۾ شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، هي پارٽي شهيد بابا جي آهي، ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ته هُو پاڻ کي بشير خان قريشي جو ساٿي سڏائي جسقم جو نالو استعمال ڪري رهيا آهن، پر اسان انهن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. هن جو چوڻ هو ته، جسقم شهيد بشير خان قريشي جي رت سان ٺهيل آهي، ان کي ڪنهن به بشني ڪنهن به منافق کي ٻه حصا ڪرڻ نه ڏينداسين. صنعان خان چيو ته جيڪڏهن ڪو پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو ته هُو پنهنجي وڏن جي نالي تي وڃي پارٽي ٺاهي، جسقم شهيدن جي پارٽي. اسان چئون ٿا ته جيڪي به جسقم کي الڳ ڪرڻ چاهين ٿا، ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، ان ۾ ڪنهن به غدار جي جاءِ ناهي، اڄ ڪي ماڻهو شهيد بشير خان جو نالو استعمال ڪري پاڻ کي تونگر خان سمجهن ٿا. اسان ڪڏهن پارٽي کي استعمال نه ڪيو هوندو، پارٽي ڪڏهن به اوهان دوستن کي استعمال نه ناهي ڪيو، جيڪو شهيد جي پارٽي يا شهيد جو نالو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان جا رستا روڪ ڪري پڇاڻو به ڪندي.

About admin

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *