Sunday , February 23 2025

جيڪب آباد: ٺل جي پورهيت جي نياڻي چمڙي جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي، علاج ڪرائڻ جي اپيل

جيڪب آبد:ٺل جي رهواسي جي 10 ورهين جي  ٻارڙي چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، پورهيت وس وارن کي مدد جي  اپيل ڪئي آهي.

ڳڙهي حسن  سرڪي واسي پورهيت محمد مراد جمالي جي 10 سالن  جي معصوم نياڻي صوفيه جمالي چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.

سندس والد جو چوڻ هو ته نياڻي چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ سندس  چمڙي خشڪ ٿيڻ سان گڏ ان تان ڇلر لهن ٿا جنهن سبب نياڻي عذاب ۾ مبتلا آهي

پورهيت جو چوڻ هو ته هن وس آهر نياڻي کي جيڪب آباد، توڙي سکر ۾ ڏيکاريو آهي پر  ڊاڪٽرن مهانگو علاج جو ٻڌايو آهي جيڪو منهنجي وس ۾ نه آهي.

نينگري صوفيه جي والد سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن کي معصوم نياڻي جي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *