ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائن (جي ڊي اي) ۽ قومي عوامي تحريڪ صدر آصف علي زرداري جي ڪئنالن جي مخالفت ۾ پارليامينٽ اندر ڏنل بيان کي ڍونگ قرار ڏئي ڇڏيو.جي ڊي اَي اڳواڻن صدر الدين شاهه، سردار رحيم، حسنين مرزا ۽ ٻين چيو آهي ته آصف زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ سنڌ جي عوام کي دوکو ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن جو اهڙو بيان ڍونگ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، سنڌ جو عوام ڪئنالن سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف ۽ پنهنجي حقن لاءِ ميدان ۾ آهي ۽ هُو هاڻي لولي پاپ قبول نه ڪندو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته 8 جولائي 2024 تي آصف زرداري سنڌ دشمن ڪئنالن منصوبن جي منظوري ڏني، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران ڪئنالن خلاف سندس بيان ڊرامو آهي، تڪراري منصوبو ختم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. آصف زرداري پاڻ گرين انيشيٽو پروگرام ۽ ان سان لاڳاپيل ڪ.نالن جي منظوري ڏني، جيڪڏهن هن کي ايتري ڳڻتي آهي ته، اُهو فيصلو مڪمل طور واپس وٺي ۽ ڪئنالن تي شروع ٿيل ڪم بند ڪرائي.
Check Also
سنڌ واسيو اکيون کوليو، ڏڪارجي تلوار مٿان لڙڪي رهي آهي
سنڌ واسيو اکيون کوليو، ڏڪارجي تلوار مٿان لڙڪي رهي آهي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ …