حليم جا پئسا ٿو گهرين! چونڊڪو شهر بااثر وڏيري جي پٽ جو پورهيت تي تشدد

نارو ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) چونڊڪو شهر ۾ حليم ۽ ڇولا وڪڻي ٻچڙن جو پيٽ پاليندڙ پورهيت تي تر جي بااثر وڏيري حليم جا پئسا گهرڻ تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، واقعي خلاف شهر جي پورهيتن بااثر وڏيري  ۽ سندس پٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. چونڊڪو ۾ حليم وڪرو ڪندڙ پورهيتن بااثر جي پٽ پاران تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. حليم وڪرو ڪندڙ پورھيت عرفان شيخ ۽ فرمان شيخ بااثر جي پٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ پورهيتن چيو ته بااثر وڏيري خادم آرادين جي پٽ ارشاد آرادين حليم جي پليٽ جا پئسا گھرڻ تان ڱين سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جي پٽ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *