Sunday , February 23 2025

حليم عادل شيخ جي ٻي شادي، دعا ڀٽو نيٺ ظاهر  ڪري ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي چار سال اڳ ڪيل شادي نيٺ ايم پي اي دعا ڀٽو ظاهر ڪري ڇڏي ڇڏي، طاهره عرف دعا ڀٽو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي هڪ فوٽو شيئر ڪيو آحي. دعا ڀٽو فوٽو شيئر ڪرڻ سان گڏ چيو آهي ته، هن پنهنجي پٽ جو نالو ڪامل حليم شيخ آهي، جنهن بعد سندس 4 سال اڳ ڪيل شادي جو انڪشاف ٿيو. دعا ڀٽو جي فوٽو شيئر ڪرڻ کانپوءِ حليم عادل شيخ سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، هن شادي ڪئي آهي، شرعي ڪم ڪيو آهي، شادي بابت جنهن کي خبر هئڻ گهرجي ها ان کي خبر هئي، ٻين کي ٻڌائڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي. حليم عادل شيخ چيو ته هن 2018 ۾ شادي ڪئي هئي، جيڪڏهن ڪو مون نااهل ڪرائڻ چاهي ٿو ته ڀلي اهو به شوق پورو ڪري  ڏسي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *