حيدرآباد ۾ ٻن ٻارڙين کي پوليو جي تصديق، انگ 58 ٿي ويو

حيدرآباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ وڌيڪ ٻن ٻارڙين کي پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو جي مريضن جو انگ وڌي 58 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي اختيارين تصديق ڪندي چيو آهي ته، حيدرآباد جي علائقي هالا ناڪه ۾ 12 مهينن جي نياڻي ميمونا ۽ 12 سالن جي اُمِ رباب کي پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. انگن اکرن موجب حيدرآباد ۾ ظاهر ٿيل ٻن ڪيسن بعد هلندڙ سال سنڌ اندر پوليو ڪيس جو انگ 5 ٿي ويو. پنجاب ۾ به 5 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخوا ۾ هلندڙ سال پوليو جا 36 ڪيس، قبائلي علائقن ۾ 8 ۽ بلوچستان صوبي ۾ 4 ڪيس ظاهر ٿيا، اهڙي ريت سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال 2019ع دوران پوليو جا 58 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. انگن اکرن موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ڪنهن به حصي ۾ ٻن سالن دوران پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، گلگت بلتستان ۾ 2017 دوران رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو هو، 2015 ۽ 2016 ۾ به انهن علائقن ۾ ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو هو.

About

Check Also

گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!! …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *