Sunday , February 23 2025

خاص مددگارن ۽ ترجمانن سميت وڌيڪ16ڄڻا سنڌ ڪابينا ۾ شامل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر   سنڌسماءَچار) وڏي وزير سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ 16 ميمبر شامل ڪري ڇڏيا،10خاص مددگار ۽ 6 ترجمان مقرر. سنڌ جي وڏي وزير سيد مرد علي شاهه جي منظوري سان سنڌ ڪابينا ۾ ڇهه خاص مددگارن سميت سورنهن ڄڻن کي شامل ڪيو ويو آهي.

سنڌ ڪابينا ۾ راجوير سنگهه، لال چند اڪراڻي، سرفراز راڄڙ، سيد قاسم نويد قمر ۽ وقار مهدي کي وڏي وزير پنهنجو خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. خاص مددگارن ۾ منصور شاهاڻي، عثمان غني، عبدالجبار خان، جنيد بلند ۽ محمد سليم ڪلمتيءَ به شامل آهن. وڏي وزير سنڌ حڪومت جي ترجماني لاءِ وڌيڪ 6 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ بئريسٽر ارسلان اسلام الدين شيخ، سعديه جاويد، مخدوم فخر الزمان، محمد علي راشد ۽ سرمد پليجو کي سنڌ سرڪار جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي،

About admin

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *