Wednesday , January 22 2025

خواهش آهي ته مقررين بدلين جي سياست ڇڏڻي پوندي: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداري پ پ جي چونڊيل ايم پي ايز ۽ وزيرن کي سُسُت قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پ پ جي چونڊيل ميمبرن ( ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ) کي سست قرار ڏيندي ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته اسان کي هاڻي مقررين بدلين ( ٽرانسفر پوسٽنگ) جي سياست کي ختم ڪرڻي پوندي، اليڪشن گذريئي گهڻو وقت گذري چڪو آهي آهي،بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير مراد علي شاهه تي به اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته، وڏي وزير کي پنجن سالن جو پلان ڏئي ڇڏيو آهيو.

اربع ڏينهن شام جو بلاول هائوس ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن کي ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن، پيپلزپارٽي پنجون ڀيرو ڪاميابي ماڻي آهي، سنڌ مان لاڳيتو چوٿون ڀيرو ڪاميابي ماڻي آهي، هاڻي اليڪشڻ کي گهڻو وقت گذري ويو آهي، ميمبرن کي سُسِتي ڇڏڻي پوندي، ميمبرز سُسِتي ختم ڪن، عوام سان سڌي رابطي ۾ رهن، ووٽرز، ڪارڪن ڪنهن ڪم لاءِ هنن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته اُهي موجود هجڻ گهرجن. وزير ۽ اسيمبلي ميمبر سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، هاڻي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪم ڪندي ڏٺو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي چونڊيل ميمبرن کي ھدايت ڪئي ته کليل عدالتون ھلائي، نه رڳو عوام کان، پر عوام کان ۽ تڪن ۾ وڃي. چونڊون ترقياتي اسڪيمن نه پر عوامي رابطن ذريعي کٽبيون آهن. هن چيو ته ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جي سياست بند ڪئي وڃي، ميرٽ تي سٺا آفيسر مقرر ڪيا وڃن جيڪي ڪم به ڪن.

پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪابينا جي ميمبرن مان رڳو ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ جي تعريف ڪئي، پ پ چيئرمين، وڏي وزير مراد علي شاهه کي هدايت ڪندي چيو ته هاڻي اوهان وزيرن سان سختي ڪيو، ڏسو ته ڪهڙا وزير وقت تي آفيس اچن ٿا ۽ وقت تي ئي آفيسن مان وڃن ٿا، اهي عوام سان ملن ٿا ۽ انهن جا مسئلا ٻڌي حل ڪن ٿا يا نه. پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي به مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

About admin

Check Also

ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان

ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *