دادو جي چئن معذور ٻارڙن جو علاج پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪرائيندس:چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

Ahmad Ali Sheikh Justice

دادو واسي چئن معذور ٻارن صدوريءَ  سولنگي، راڻو، خالد ۽ رحمان سولنگي جي بيماري بابت ميڊيا ۾ خبرون اڇڻ بعد سنڌ جي صحت کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه چُري پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ کي ان خبر انسانيت جي ناتي ڪجھ ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. چيف جسٽس چئني ٻارڙن جي علاج ڪرائڻ جوفيصلو ڪندي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو کي هدايت ڪئي ته ٻارڙن جي وارثن سان ملي کين ڪراچي موڪلي. چيف جسٽس جي هدايت تي سيشن جج لاڙڪاڻو ٻارڙن جي گهر پهچي ابتدائي طور تي کين دادو جي اسپتال پهچايو جنهن بعد کين ڪراچي موڪلڻ جو بندو بست ڪيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس دادو جي چئني معذور ٻارن صدوريءَ  سولنگي، راڻو، خالد ۽ رحمان سولنگي جو علاج پنهنجي ذاتي خرچ تي اعلان ڪيو آهي، جيڪي ٻار آچر ڏينهن شام جو يا وري سومر ڏهاڙي صبح سان ڪراچي پهچي ويندا جنهن بعد کين لاڳاپيل مرض جي ڊاڪٽرن کان طبي چڪاس ڪرائي ويندي. جنهن بعد سندن باقائدگيءَ سان علاج شروع ڪرايو ويندو. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ ٻارڙن جي علاج لاءِ چيو آهي ته انهن جي علاج تي جيترو به خرچ ايندو اُهو هُو پاڻ ڀريندو.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *