دريا خان مري ۾ هٿيار بندن پرائمري استاد کي قتل ڪري ڇڏيو

نوشهرو فيروز (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) دريا خان مري شهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پرائمري استاد مارجي ويو، اطلاع تي سندس وارثن ۽ پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو آهي. دريا خان مري شهر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پرائمري استاد ننگر وڳڻ زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي وارثن ۽ پوليس پهچي  زخمي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتي هُو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول استاد جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن برادري جي ماڻهن سان زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي، جن استاد کي قتل ڪيو آهي، سندن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

About

Check Also

گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!! …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *