واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا هڪ ڀيرو وري روس کي سيکت ڏيڻ لاءِ نئين منصوبي تي ويچارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ هڪ خطرناڪ تجويز غور هيٺ آهي ته، روس کي منهن ڏيڻ لاءِ ننڍا ننڍا ائٽم بم ٺاهيا وڃن. نيو ڪليئر پوسچر ريويو نالي پينٽاگو جي پاليسي بيان ۾ آمريڪي فوج روس خلاف ننڍا ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. آمريڪي فوج چيو ته روس سمجهي ٿو ته آمريڪا جا ائٽمي هٿيار تمام گهڻا وڏا آهن ۽ مزاحمت لاءِ ڪارائتا نه آهن تنهن ڪري آمريڪي فوج جي تجويز آهي ته ننڍا ائٽمي هٿيار ٺاهي روس جي غلط فهمي کي ختم ڪيو وڃي. لويلڊ هٿيار ننڍا ۽ گهٽ طاقتور هوندا آهن پر پوءِ به تباهي پکيڙيندڙ هوندا آهن. ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻي تي جاپاني شهر ناگا ساڪي تي جيڪو ائٽم بم ڪيرايو ويو اهو به ايترو ئي طاقتور هو پر پوءِ ان جي نتيجي ۾ 70 هزار ماڻهو مارجي ويا. ٻي طرف آمريڪي نائب بچاءَ واري وزير پيٽرڪ شينهن واشنگٽن ۾ بريفنگ دوران چيو ته سندن ائٽمي هٿيارن آمريڪا کي 70 سال کان وڌيڪ عرصي لاءِ محفوظ رکيو جنهن جي خاتمي کي برداشت نه ڪيو ويندو.
Tags America America and Russia conflict Russai and America
Check Also
پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين؛ پاڪستان کي ايران جو آخري نوٽيس
پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ ايران گئس پائيپ لائن منصوبي تي عمل نه ڪيو، هاڻي …