سعودي حڪومت سياحن کي ويزائون جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض ( سنڌسماءَ چار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي حڪمرانن ملڪ اندر سئنيمائن تان پابندي هٽائڻ بعد سيا حن کي به ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب عُمرَي جي ادائگي بعد زائرين کي سياحتي ويزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سياحتي ويزا جو عرصو وڌ ۾ وڌ هڪ مهينو هوندو.  جِدَي جي سياحتي ۽ ثقافتي ورثي جي ڊائريڪٽر محمد العماري هڪ پڌرائي ۾ چيو ته سڄي دنيا سان تعلق رکندڙ مسلمان عُمرَي بعد سياحتي ويزا به حاصل ڪري سگهن ٿا. ٻئي طرف سعودي ڪميشن جي چيئرمين شهزادَي سلطان بن سلمان چيو ته پهرين مرحلي ۾ 65 ملڪن کي اهڙي اجازت ڏني وئي آهي، ٻين ملڪن کي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو.

About

Check Also

بھارت کی کراچی بندرگاہ پر حملے کی تیاری، جنگی بحری بیڑا تعینات کردیا

کراچي(مانيڻرنگ سنڌسماءَچار) بھارت نے پاکستان کے ساتھ کئی روز سے جاری سرحد پار جھڑپوں کے …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *