پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ خانيوال ضلعن، خيبر پختونخوا صوبي جي لڪي مروت، ٽانڪ، لوئر دير، باجوڙ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلعن ۾ امداد ورهائي ويندي
ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) سعودي حڪومت پاڪستان ۾ ڪنگ سلمان رليف سينٽر (ڪي ايس آر سي )پاڪستان ۾ زڪوات ۽ فطرو پروجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي، منصوبي هيٺ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبن ۾ امداد ورهائي ويندي. سعودي حڪومت جي ڪي آر سي جي اسلام آباد ۾ قائم پاڪستاني آفيس پاران جاري ڪيل هڪ ليٽر موجب ڪنگ سلمان رليف سينٽر ( ڪي ايس آر سي ) جيڪو دنيا جي 59 ملڪن ۾ زڪوات ۽ فطري جي رقم مان فلاحي ڪم ڪري ٿو. هن سال ڪي آر سي پاران پاڪستان جي ٻن صوبن پنجاب ۽ ڪي پي جي 9 ضلعن ۾ زواڪت ۽ رليف منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي، دنيا جي 59 ملڪن ۾ اتان جي مقامي حڪومتن جي انتظامي سهڪار ذريعي مستحق ماڻهن ۾ امدادي سامان ورهايو ويندو.
ڪي ايس آر سي جي زڪوات ۽ فطري پروجيڪٽ تحت پنجاب ۽ ڪي پي جي 9 ضلعن جن ۾ پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ خانيوال ضلعن، خيبر پختونخوا صوبي جي لڪي مروت، ٽانڪ، لوئر دير، باجوڙ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلع شامل آهن، انهن ۾ هڪ لک 14 هزار 192 مستحق ماڻهن ۾ چانورن جا ٿيلها ورهايا ويندا. جاري ڪيل ليٽر مطابق، ڪرونا وائرس جي وبا کي نظر ۾ رکندي ماڻهن جي هجوم گڏ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ امدادي چانورن جو ٿيلهو سمورن مستحق ماڻهن جي گهر تائين پهچايو ويندو. پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ خانيوال ضلعن، خيبر پختونخوا صوبي جي لڪي مروت، ٽانڪ، لوئر دير، باجوڙ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلعن ۾ لاڳاپيل صوبائي ۽ مقامي انتظاميا جي سهڪار سان امدادي سامان ورهايو ويندو. امدادي سامان ۾ 440 ٽن چانور جا 19 هزار 32 ٿيلها شامل آهن، جيڪي ڪي پي ۽ پنجاب صوبي جي هڪ لک 14 هزار 192 مستحق ماڻهن جي گهرن تائين پهچايا ويندا.