اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزاو محمد بن سلمان پهريون ڀيرو پاڪستان جي دوري تي پهتل آهي، پاڪستان ياترا تي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ۾ ئي شحزادي جي جهاز کي ايف 16 ۽ ايف جَي 17 ٿنڊر جهازن حفاظتي حصار ۾ ورتو، نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين ولي عهد جو شاندار استقبال ڪيو، وزيراعظم هائوس ۾ گارڊ آف آنر پيش. سعودي ولي عھد محمد بن سلمان ٻن ڏينھن جي دوري تي پاڪستان ياترا تي پهتل آهي. سندس شاندار استقبال ڪيو ويو جڏھن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ 20 ارب ڊالرز جا معاھدا ڪيا ويا آھن. سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽينڊرائيزيشن جي شعبي ۾ ٽيڪينيڪل سھڪار، نوجوانن جي معاملن ۽ راندين جي شعبي ۾ سھڪار جا معاھدا ڪيا ويا. ٻنھي ملڪن بجلي جي پيداوار واري شعبي ۽ معدني وسيلن جي شعبي ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، ريفائنري پيٽروڪيميڪل پلانٽ جي قيام ۽ متبادل توانائي جي ترقي لاءِ مفاھمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان ۾ سعودي آئل ريفائنري پيٽروڪيميڪل ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. سعودي ساليانو پاڪستان کي 1.20 ارب ڊالر ڏيندو، ٻنھي ملڪن ۾ معاھدن لاءِ ٿيل تقريب ۾ سعودي ولي عھد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمران خان سميت لاڳاپيل وزير ۽ عملدار موجود ھئا.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …