ڪراچي / حيدرآباد / سکر( نمائندن وٽان سنڌسماءَچار) “سنڌوءَ تي ڌاڙو نا منظور”، درياهن جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ هڪ آواز بڻجي وئي، سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي پاڻي تي ڌاڙي خلاف مِڙي مُٺ ٿي رستن تي نڪري آئي، سمورين سياسي، سماجي تنظيمن، شاگردن، وڪيلن، فنڪارن، ڊاڪٽرز ۽ زندگيءَ جي هر شعبي جي ماڻهن ۽ هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل سنڌ واسي هڪ لڙهي ۾ پوئجي ويا، سموري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سنڌو درياءَ سان محبت جو انوکي انداز ۾ اظهار، گلن ۽ سرن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جي ڊي اي، جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ، پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو، پي ٽي آءِ، قومپرست تنظيمن، جي يو آءِ، وڪيلن، استادن، سول سوسائٽي، صحافين، آبادگارن، هارين، پورهيتن سميت سمورين ڌرين جو احتجاج، تڪراري ڪينال رٿا رد ڪرڻ جو مطالبو، پيپلزپارٽي ڪٿي به سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف ڪو به احتجاج نه ڪيو.
درياهن جي عالمي ڏهاڙي تي سموري سنڌ هڪ آواز بڻجي سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي پاڻي تي ڌاڙي خلاف مِڙي مُٺ ٿي رستن تي نڪري آئي، سمورين سياسي، سماجي تنظيمن، شاگردن، وڪيلن، فنڪارن، ڊاڪٽرز ۽ زندگيءَ جي هر شعبي جي ماڻهن ۽ هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل سنڌ واسي هڪ لڙهي ۾ پوئجي ويا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي ڪئنال رٿا رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، وڪيلن، صحافين، استادن، شاگردن، هارين، مزدورن ۽ سول سوسائٽي سميت سمورن ڌرين روڊن تي نڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. حيدرآباد کان جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي المنظر ڄامشورو پهتي جتي ڊائون اسٽريم ۾ گلن جي ڀيٽا پيش ڪري سنڌو درياهه سان محبت جو اظهار ڪيو ويو. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان قاسم آباد جَي ڳوٺ ڪرن شورو کان مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، اظهار دائودپو، راحيل ڀٽو، سنڌياڻي تحريڪ جِي صدر عمره سمون، حسنه راهوجو، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، سرمد راڄپر، نور نبي پليجو، ڄام تماچي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي المنظر پُل ڄامشورو تي سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جي ڊي اي، ايس ٽي پي، جسقم نياز بشير خان قريشي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن به حيدرآباد کان ريلين جي صورت ۾ المنظر پُل ڄامشوور پهچي درياهه کي گُلن جي ڀيٽا پيش ڪئي.
بدين جَي صحافين، ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب کان ايوان صحافت تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ٽنڊوباگو، ڪڍڻ، پنگريو، گولاڙچي، شادي لارج، ماتلي، تلهار، پيرو لاشاري ۽ ٽنڊو غلام علي ۾ به احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. سکر ۾ سنڌياڻي تحريڪ طرفان شمشاد ٻپڙ، پارس ڀٽي، ايڊووڪيٽ حنا بلوچ، سونهن ڦلپوٽو، فضا ڦلپوٽو ۽ سيما ڪلوڙ نيشنل پريس ڪلب کان لب مهراڻ پارڪ تائين ريلي ڪڍي ۽ سکر بئراج وٽ سنڌو درياهه تي گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي.
سکر جي صحافين پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهي مظاهرو ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي سليم سهتو، جاويد جتوئي، آصف ظهير لوڌي، انس گهانگهرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جي يو آءِ ضلعي سکر طرفان روهڙي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
مٽياري ۾ جي يو آءِ، ايس ٽي پي، جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو شرڪت ڪئي.
لاڙڪاڻي ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف هندو برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي لاڙڪاڻو- خيرپور پل وٽ سنڌو درياهه ۾گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ميرپورخاص ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن، وڪيلن، شاگردن ۽ ڊاڪٽرن احتجاجي ريليون ڪڍيون. گهوٽڪي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شينڪ بند وٽ سنڌو درياهه ۾ گل نڇاور ڪيا. ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن نور احمد ڪاتيار، رزاق چانڊيو، قادر رانٽو جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ به شرڪت ڪئي. سجاول ۾ صحافين پاران مامون لاڏو لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم، سنڌي ادبي سنگ، جي يو آءِ، وحدت المسلمين ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ، جسقم ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. عمرڪوٽ ۾ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي پريس ڪلب مٿان ڪارا جهنڊا چاڙهي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ وڪيلن به شرڪت ڪئي. سانگهڙ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه، سڪرنڊ، گپچاڻي، قاضي احمد، نوشهري فيروز، مورو، کهڙا، پريالوءَ، ميان صاحب، نارو ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، خيرپور، شڪارپور، گهوٽڪي، قمبر، هنڱورجا، خانپور مهر، بخشاپور، ٺيڙهي، ڀرياروڊ، رتوديرو، پنوعاقل، شاهپور جهانيان، فريد آباد، ٽنڊو ڄام، ڪوٽڙي، ميان صاحب ۽ همايون ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ڪنڊيارو، سنڌڙي، ڏوڪري، ميرپور ماٿيلو، شھدادپور، سڪرنڊ، قبو سعيد خان، سجاول، ڏهرڪي، عمرڪوٽ، خيرپور ناٿن شاهه، ٺڪراٺو، اوٻاوڙو، جروار، واهي پانڌي، دوداپور ۾ ڌرڻا هنيا ويا. سيٺارجا، هالاڻي، دوڙ، گڊو، سامارو، جهنڊو مري، لکي غلام شاهه، گهوڙا ٻاري، ميروخان، دولتپور، ڊکڻ، ڍورو نارو، ڀان سيد آباد، ڳڙھي ياسين ۽ باڊهه ۾ احتجاج ڪيو ويو.
سيوهڻ، منظور آباد، شهدادڪوٽ، اڪري چودڳي، گمبٽ، پڊعيدن، ڪنڊياري، هٿونگو، ڊرٻ ميهر شاهه، ميرپور ٻرڙو، ميرپوربٺورو، جاتي، گهارو، ڦلجي اسٽيشن، ميهڙ، لعلورائنڪ، پڪاچانگ، ڀرياسٽي، نصير آباد، ڳڙهي خيرو، راڌڻ، ٿاڻوبولاخان، شاهپور چاڪر، ڪنري، نصرپور، ڳيريلو، پٿورو، جمال شاهه، ٺُل، ننگرپارڪر، قاضي احمد، سلطان ڪوٽ، جاڳڻ، چمبڙ، جهول، مانجهند، سيتاروڊ، اڏيرولال، ميان صاحب، گاجي کهاوڙ، تنگواڻي، مٺياڻي ۾ به احتجاج ڪيو ويو.
احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ اڳواڻ، ڪارڪنن، شاگردن، آبادگارن ۽ پورهيتن چيو ته جيستائين سنڌو درياءَ مان ڪئنالن وارو منصوبو مڪمل طور ۽ هميشه لا ختم نه ڪيو ويندو ايستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ ۾ ايترو پاڻي سمورو سال ڇوڙ ڪيو وڃي جيئن سمنڊ ۾ غرق ٿي ويل جزيرا، ڪريڪس ۽ زمين واپس آباد نه ٿئي.