Monday , April 7 2025

سنڌوءَ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ ۾ ڏينهون ڏينهن تيز، سنڌ سراپا احتجاج

سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زمينن تي والار خلاف سنڌ ۾ ڪيترن ئي مهينن کانن هلندڙ احتجاج منظم تحريڪ ۾ تبديل، ڏينهون ڏينهن احتجاجن ۾ اضافو تيزي اچي وئي، سياسي، سماجي، مذهبي، ادبي تنظيمن، آبادگارن، شاگردن، صحافين، توڙي عام ماڻهن پاران هر ننڍي وڏي شهر ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا معمول جو حصو ٿي رهيا آهن، سنڌ جي عوام سند دشمنن منصوبن خلاف روزانو احتجاج ڪرڻ روز مرهه جي زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، غمي ۽ خوشي جي موقعي تي به ڪئنالن ۽ ڪاروپوريٽ فارمنگ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ڪراچي( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زمينن تي والار خلاف سنڌ ۾ ڪيترن ئي مهينن کانن هلندڙ احتجاج منظم تحريڪ ۾ تبديل، ڏينهون ڏينهن احتجاجن ۾ اضافو تيزي اچي وئي، سياسي، سماجي، مذهبي، ادبي تنظيمن، آبادگارن، شاگردن، صحافين، توڙي عام ماڻهن پاران هر ننڍي وڏي شهر ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا معمول جو حصو ٿي رهيا آهن، سنڌ جي عوام سند دشمنن منصوبن خلاف روزانو احتجاج ڪرڻ روز مرهه جي زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، غمي ۽ خوشي جي موقعي تي به ڪئنالن ۽ ڪاروپوريٽ فارمنگ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ  خلاف آچر ڏينهن جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سڏ تي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج، سنڌورياءَ تي سمورين پلين سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ۾ المنظر وٽ سنڌو درياءَ ڪناري تي سانجهيءَ جي نماز ادا ڪئي وئي.

جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏواحتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾، ٻين سان گڏ وڪيلن، عورتون ۽ ٻارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وڏي انگ ۾ شريڪ، ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ، پورهيت مزاحمت تحريڪ، جسقم، پي ٽي آءِ ۽  پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جون ريليون، جنگشاهي ۾ قومي عوامي تحريڪ جِي ريلي، دڙو شهر کان ميرپوربٺورو تائين پيادل مارچ، مين اسٽاپ تي ڌرڻو، جسقم پاران ٽنڊو محمد خان کان ٽنڊو الهيار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا صبح جو ٻيهر پنهنجي منزل طرف رواني ٿيندي. نصرپور ۾ جسقم ڪارڪنن جو ڪافين جي بادشاهه مصري شاهه جِي درگاهه کان ٽنڊوالهيار تائين پيادل مارچ ڪيو ويو. راڌڻ ۾ مختلف تنظيمن طرفان نئون ڳوٺ جَي بچاءُ بند کان سنڌو درياهه تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، فريد آباد ۾ عوامي پوهيت تحريڪ جِي سپريو بند کان 12 ڪلو ميٽر تائين مارچ، سٽي گيٽ تي ڌرڻو، بلڙي شاهه ڪريم ۾ جاڙا واهه کان ريلي ڪڍي ملاڪاتيار جهرڪ پل تي ڌرڻو هنيو ويو، گهوٽڪي، خيرپور ناٿن شاهه، مٽياري، ڪوٽڙي، نوابشاهه، قمبر، خيرپور،  خانپور ۾ ريليون، ڊگھڙي، ٽنڊو جان محمد، ميهڙ، قاضي احمد، گپچاڻي، مورو ۾ مظاهرا، پنو عاقل، ڍورو نارو، سڪرنڊ، سامارو، ڪنڊيارو، جيڪب آباد، جاتي، ٺڪراٺو ۽ ٻِين شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويو.

سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جـَي يـُو آءِ جَي سڏ تي راشد محمود سوومرو جي اڳواڻي ۾ گڊو بئراج تي به احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن هزارن جي تعداد ۾ جي يو آءِ سميت مختلف پارٽين جي ڪارڪنن، شهرين شرڪت ڪئي. سکر بئراج جِي پل تي مولانا محمد صالح انڍڙ، ٺٽي ويجهو دولهه دريا خان پُل، دادو مورو پُل، خيرپور لاڙڪاڻو پُل ۽ قاضي احمد ويجهو آمري پُل تي به احتجاج ريلي ڪڍي مظاهروڳ ڪيو ويو، احتجاجي ريلين، مظاهرن ۽ ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻهن سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والا نامنظور جا اڀ ڌاريندڙ نعرا هنيا ويا ۽ ڪئنالن سميت ان سان لاڳاپيل سمورا سنڌ دشمن منصوبو فوري طور رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڪيو ويو، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌوءَ درياهه تي ڪو به ڪئنال قبول نه ڪنداسين، تڪراري ڪئنال رٿا واپس نه ورتي وئي ته سنڌ پنجاب جَي دنگ تي ڌرڻو هڻنداسين.

جي يو آءِ سميت مختلف پارٽين پاران نوشهروفيروز ، سجاول، خيرپور، دادو، مٽياري، گڊو، گپچاڻي، خانپور، گهوڙاٻاڙي، قاضي احمد، ڍورونارو، دڙو، ميهڙ ۽ ڪڙيو گنهور ۾ احتجاج ڪيو ويو. نواب ولي محمد، ڪي اين شاهه، ٺڪراٺو، ڪنڌرا، سڪرنڊ، فريدآباد، مورو، ڪنڊيارو، جاتي، پنوعاقل، ننگرپارڪر، ميرپوربٺورو، جهنڊو مري ۾احتجاجي مظاهرا  ڪري ڪينالز خلاف نعريبازي ڪئي وئي. قمبر، باقراڻي، ٽنڊوجام محمد، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ به جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاج رڪارڊ ڪرايو

About admin

Check Also

ڪئنالن بابت سنڌي ميڊيا غلط خبرون هلائي رهي آهي: وڏو وزير سنڌي ميڊيا تي ڏمرجي پيو

وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌي ميڊيا تي ڏمرجي پيو، وڏي وزير ڪي ٽي اين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *