Saturday , February 22 2025

سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج جاري جي ڊي اي جو ميهڙ ۾ جلسو

اسان سنڌو درياءُ ۽ سنڌ بچائڻ لاءِ در در تي وڃي ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪري رهيا آهيون، سنڌ دشمن منصوبن کي نه ڪڏهن اڳ قبول ڪيو هو ۽ ڪجهه به ٿي پئي هاڻي به سنڌ دشمن منصوبا قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته اسان جي بيداري مارچن ۽ احتجاجي مظاهرن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي، سموري سنڌ ڪئنالن واري منصوبي خلاف هڪ آواز بڻجي رهي آهي:صدرالدين شاهه

سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت خاص طور پيپلزپارٽي ۽ ٻيون اتحادي جماعتن  جو گڏيل منصوبو آهي، ڪئنال ڪڍي پنجاب جي چولستان واري صحرا جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، هن چيو ته پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪري سنڌ آباد زمينون بنجر بڻائي سنڌ جي زرعي معيشت کي تباهه ڪيو ويندو، ڪئنال ڍهڻ سان ڪجهه سالن اندر سنڌ جي زراعت ۽ زرعي معيشت تباهه ٿي ويندي، زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته پنجاب 1962 ۾ پنهنجا ٽَي درياءَ ڀارت کي وڪڻي ڊالرز ورتا: زين شاهه

سيوهڻ / ميهڙ (خاص نمائندا  سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي جو سلسو جاري، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو سيوهڻ کان ميهڙ تائين بيداري مارچ، دادو، ڪي اين شاهه ۽ ٻين هنڌن تي مارچ جي شاندار آجيان، قافلي تي گلن جي ورکا، ڪئنالن جي منصوبي، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعري بازي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سڏ تي ڪئنالن جي منصوبي خلاف سيد زين شاهه، صدرالدين شاهه، اياز لطيف پليجو، لياقت جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ بيداري مارچ ميهڙ پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت خاص طور پيپلزپارٽي ۽ ٻيون اتحادي جماعتن  جو گڏيل منصوبو آهي، ڪئنال ڪڍي پنجاب جي چولستان واري صحرا جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، هن چيو ته پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪري سنڌ آباد زمينون بنجر بڻائي سنڌ جي زرعي معيشت کي تباهه ڪيو ويندو، ڪئنال ڍهڻ سان ڪجهه سالن اندر سنڌ جي زراعت ۽ زرعي معيشت تباهه ٿي ويندي، زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته پنجاب 1962 ۾ پنهنجا ٽَي درياءَ ڀارت کي وڪڻي ڊالرز ورتا، جيڪي به معاهدي جي خلاف صرف پنجاب ۾ استعمال ڪيا ويا، پنجاب پنهنجا درياءَ وڪڻي سنڌو درياءَ مان سنڌ جي حصي جو به  پاڻي کڻڻ شروع ڪيو. هن چيو ته ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ملڪي آئين، عالمي قانون جي خلاف آهي.

جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه چيو ته اسان سنڌو درياءُ ۽ سنڌ بچائڻ لاءِ در در تي وڃي ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪري رهيا آهيون، سنڌ دشمن منصوبن کي نه ڪڏهن اڳ قبول ڪيو هو ۽ ڪجهه به ٿي پئي هاڻي به سنڌ دشمن منصوبا قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته اسان جي بيداري مارچن ۽ احتجاجي مظاهرن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي، سموري سنڌ ڪئنالن واري منصوبي خلاف هڪ آواز بڻجي رهي آهي. صدر الدين شاهه چيو ته هن وقت سنڌ تي ڏکيو وقت آهي، اسان سڀ هن ڏکئي وقت ۾ گڏجي مقابلو ڪنداسين.

جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ لياقت علي جتوئي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين، هن منصوبي پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت هڪ پيج تي آهن، اسان هي منصوبو ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته ماڻھن جن کي ووٽ ڏنو اھي درياءَ، ٻيٽ ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو وڪري رهيا آهن، سنڌ جي حڪمرانن ڪرسي خاطر ۽ پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪري رهي آهي. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف خاموش نه ويهنداسين، جيستائين ڪئنالن وارو منصوبو ختم نه ٿيندو ايستائين خاموش نه ويهنداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي سنڌ جو سودو مھانگو پوندو، ملڪ جا حڪمران بنگال جهڙو سانحو ورجائڻ گھرن ٿا.

About admin

Check Also

شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جو ڪيس وشال لطيف خلاف داخل

حيدرآباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) حيدرآباد ۾ قتل ڪيل سنڌ جي مزاحمتي شاعر شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *